اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان ٻن جي سرڪاري دوري تي ملائيشيا روانو ٿي ويو آهي، وزيرعظم ملائشين جي وفد مهاتير محمد جي دعوت تي دورو ڪري رهيو آهي، عمران خان ۽ ملائيشين وفد مهاتير جي ملاقات سڀاڻي ٿيندي، وزير اعظم ملائيشيا جي بادشاهه ۽ سياسي قيادت سان به ملاقاتون ڪندو، ملائيشيا جي 2 ڏينهن جي قيام دوران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وزير اسد عمر، ۽ سڌ سماءَ وارو وزير فواد چوڌري ۽ واپار وارو صلاحڪار به سندس گڏ هوندو. وزير اعظم کي ملائيشيا جي ترقي جي ماڊل تي پريفنگ ڏني ويندي، ان کان سواءِ روزگار جا موقعا وڌائڻ تي بريفنگ ڏني ويندي.