وزير اعظم عمران خان سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملاقات

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملاقات ڪئي. ميڊيا جي رپورٽن موجب وزير اعظم ۽ آرمي چيف  جي ملاقات قومي سلامتي ڪونسل جي اجلاس کان پهرين ٿي جنهن ۾ ملڪي سلامتي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. وزير اعظم عمران خان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي چين جي دوري بابت به آگاهه ڪيو ۽ کيس اعتماد ۾ به ورتو. واضح رهي ته وزير اعظم عمران خان چين جي دوري بعد رات جو ئي وطن واپس پهچي ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *