اسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم عمران خان گڏيل مفادن واري ڪونسل جي اجلاس دوران چئني صوبن جي وڏن وزير کي اهم ملڪي معاملن ۾ گڏ کڻي هلڻ جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪونسل جي اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمود خان ۽ بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سميت ڪونسل جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس دوران وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ 18 هين ترميم بعد ورهايل معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي جڏهن ته چئني صوبن جي وڏن وزيرن مختلف تجويزن ۽ مسئلن کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان چئني صوبن جي وڏن وزيرن کي خاطري ڪرائي آهي ته وفاق سمورن اهم قومي معاملن تي صوبن کي گڏ کڻي هلندو ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۾ مضبوط رابطن ۽ هم آهنگي سان ملڪ ترقي ڪندو.ذريعن موجب وزيراعظم جو چوڻ هو صوبن کي وڌيڪ خودمختيار بڻائڻ چاهيون ٿا ۽ صوبن جي ترقي لاءِ انقلابي پروگرام رکون ٿا. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته وسيلن جي شفاف ورهاست ۽ ان جي هيٺائين سطح تائين منتقلي هر صورت ۾ يقيني بڻائينداسين ۽ ملڪي ترقي جا فائدا عوام تائين پهچائنداسين. گڏيل مفادن واري ڪونسل جي اجلاس کان اڳ وزيراعظم عمران خان کان چئني صوبائي وڏن وزيرن ملاقات ڪئي جنهن ۾ صوبن جي معاملن تي ڳالهيون ٿيون.