وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جو سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان ملاقات کان انڪار

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي نئين چونڊيل سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي سان ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو. ميڊيا جي رپورٽ موجب نئين چونڊيل سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي وزير اعظم سان رسمي ملاقات جي درخواست ڪئي هئي. ياد رهي ته شاهد خاقان عباسي واضح طور تي سينيٽ چيئرمين جي چونڊ غير قانوني قرار ڏني هئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *