وزير اعظم سان چوڌري نثار جي ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سان ملاقات ڪئي آهي جنهن دوران ملڪ جي گڏيل صورتحال ۽ سياسي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. تفصيل موجب ملاقات دوران چوڌري نثار علي خان وزير اعظم کان مطالبو ڪيو ته فيض آباد ۾ ڌرڻي ۽ ميٽرو اسٽيشن جي تعمير ۾ سستي جي ڪري شهري تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آهن، ان ڪري اهي ڏينهن جا مسئلا جلد کان جلد حل ڪرايو. چوڌري نثار علي خان جو چوڻ هو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان فيض آباد تي موجود ڌرڻي جي ڪري راولپنڊي ۽ اسلام آباد جا شهري بي انتها ڏکيائين جو شڪار آهن، وفاقي راڄڌاني جي مصروف ترين  شاهراهه ۽ راولپنڊي ۽ اسلام آباد کي ملائيندڙ اهم مقام تي لاقانونيت ۽ عوام کي تڪليف ڏيڻ جي قطئي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. حڪومت ان مسئلي جي جلد کان جلد حل کان بندوبست ڪري. هن چيو ته موٽر وي تي ميٽرو اسٽيشن پراجيڪٽ جي تعمير ۾ سستي جي ڪري نه رڳو ڀرپاسي واريون آباديون پر سڄي ملڪ مان ايندڙ شهرين کي ڏکيائي ٿي رهي آهي.  تعيمري عمل کي تيز ڪرڻ سان گڏوگڏ ضروري آهي ته شهرين کي متبادل رستا ڏنا وڃن جيئن انهن جي ڏکيائي ڪجهه گهٽ ٿي سگهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *