اسلام آباد(بيورو) هاءِ ڪورٽ وزير اعظم جي صلاحڪارن جي ڪابينا ڪميٽي جو ميبر ٿيڻ صدارت ڪرڻ غير قانون قرار ڏئي ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزير اعظم جي 15 خاص مددگارن جي مقرري خلاف درخواست رد ڪرڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. 32 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ بينچ لکيو. فيصلي ۾ چيوويو آهي ته مددگارن جي مقرري ڪنهن آئيني شق جي ڀڃڪڙي ناهي، مددگارن کي ملڪتي وزير يا وفاقي وزير جو عهدو رڳو مراعتن لاءِ ڏنو ويندو آهي، خاص مددگار نه پارليامينٽ ۾ خطاب ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي ان کي ايگزيڪٽو اٿارٽي جو اختيار آهي، خاص صلاحڪار نه ڪابينا جو حصو آهن ۽ نه ئي ان جي اجلاس ۾ شامل ٿي سگهن ٿا.ٻئي پاسي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزير اعظم جي مددگارن جي نجڪاري ڪميٽي ۾ شموليت جي خلاف ڪيس جو لڪت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو اهي. جنهن ۾ حفيظ شيخ، عبدالرزاق داود ۽ عشرت حسين جي ڪابينا ڪميٽي ۾ شموليت غير قانوني قرار ڏني وئي آهي.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته وزير اعظم جو صلاحڪار آئيني عهدو آهي، جنهن جو رڳو 5 هوندو، صلاحڪارن کي وفاقي وزير جو درجو ڏيڻ رڳو مراعتن لاءِ آهي، صلاحڪار به ڪابينا جو ميمبر ناهي اجلاس ۾ شامل نٿو ٿي سگهي، وزير اعظم جو صلاحڪار ڪابينا ڪميٽي جو ميمبر يا سربراهه نٿو ٿي سگهي، رولز موجب وزير اعظم ڪابينا جي ميمبرن کي ڪابينا ڪميٽي جو ميمبر بڻائي سگهن ٿا. وزير اعظ۾ جي صلاحڪارن جو ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ آئين جي خلاف آهي، ڪابينا ڪميٽي ڪنهن به شخص کي طلب ڪري سگهي ٿي پر هو ان جو ميمبر نٿو ٿي سگهي، اڻ چونڊيل شخص ڪابينا جو ميمبر نٿو ٿي سگهي ته ڪابينا ڪميٽي ۾ به شامل نٿو ٿي سگهي، اڻ چونڊيل شخص ڪابينا ڪميٽي جي سربراهي به نٿو ڪري سگهي، وزير اعظم جي صلاحڪارن جي ڪابينا ڪميٽي ۾ شموليت قانون خلاف آهي. ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ کي نجڪاري واري ڪابينا ڪميٽي جو چيئرمين بڻائڻ وارو نوٽيفڪيشن به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو.