وزير اعظم ريليف فنڊ ۾ سنڌ جو حصو وڌائي ڇڏيو آهي:ڊاڪٽر ثانيه نشتر

اسلام آباد(بيورو)وزير اعظم عمران خان جي سماجي تحفظ بابت خاص مددگار ۽ احساس پروگرام جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته مليل درخواستن جي ڪري وزير اعظم ريليف فنڊ ۾ سنڌ جو حصو 22 سيڪڙو کان وڌائي 31 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي.ڊاڪٽر ثانيه نشتر هڪ بيان ۾ چيو آهي ته احساس ڪيش پروگرام ۾ ڪيٽيگري 4 ۽ 5 مستحق ماڻهن کي رقم وزير اعظم ڪورونا ريليف فنڊ مان ڏني پئي وڃي ۽ هاڻ وزير اعظم ريليف فنڊ ۾ سنڌ جو حصو وڌايو ويو آهي.وزير اعظم جي خاص مددگار جو چوڻ آهي ته ان پروگرام جي تحت سنڌ جي لاءِ 60 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن جڏهن ته سڄي سنڌ ۾ 50 لک کان وڌيڪ مستحق خاندان احساس امداد حاصل ڪري سگهندا.سندس چوڻ هو ته سنڌ جو حصو وڌائڻ جو فيصلو مليل درخواست جي ڪري ڪيو ويو آهي ۽ اِهو قدم مڪمل طور تي سياست کان مٿانهون ٿي ڪيو ويو آهي.ڊاڪٽر ثانيه نشتر جو وڌيڪ چوڻ هو ته سوات ۾ احساس سيلاني لنگر پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي جنهن سان 15 سئو ماڻهن کي روزاني ماني ملي سگهندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *