وزير اعظم جي نيشنل ڊيمانڊ سپلاءِ سيل جي قيام جي هدايت

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزير اعظم سڄي ملڪ ۾ ذخيرن اندوزن کي منهن ڏيڻ ۽ صوبن ۾ کائڻ پيئڻ وارين شين جي لاءِ مضبوط نظام بڻائڻ جي لاءِ ڊيمانڊ سپلاءِ سيل جي قيام جي هدايت ڪئي آهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اڳواڻ چيو ته سنڌ حڪومت هڪ لک ٽن ڪڻڪ اڃان گهري آهي، وزير اعظم کي ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت هلندڙ سال مارچ ۾ جيڪا ڪڻڪ جي خريداري جو آغاز ڪرڻ پئي وڃي ۽ هنن 1.4 ملين جو هدف مقرر ڪيو آهي ڇوو هنن موجوده سال ڪڻڪ جي خريداري نه ڪئي هئي جنهن جي ڪري اِهو بحران پيدا ٿيو.فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان ٻڌايو ته صوبي ۾ ڪا به اهڙي ليبارٽري موجود ناهي جتي کير، گيهه، دالين، چڪن ۽ کائڻ پيئڻ وارين شين ۾ ڪنهن به قسم جي ملاوٽ جو جائزو وٺڻ جو ڪو طريقيڪار موجود هجي ان ڪري وزير اعظم عمران خان فوري طور بلوچستان ۾ فوڊ ٽيسٽنگ ليبارٽري جي قيام جي هدايت ڏني آهي.طلب ۽ رسد جي وچ ۾ فرق جي سبب منافعي خورن ۽ ذخيري اندوزن جهڙي طرح عوام کي يرغمال بڻايو ان مافيا ۽ نيٽ ورڪ کي ٽوڙڻ جي لاءِ وزير اعظم پاڪستان منسٽري آف فوڊ سيڪيورٽي ۽ پلاننگ کي پرائس مانيٽرنگ ۽ نيشنل ڊيمانڊ سپلاءِ سيل جي قيام جي هدايت ڏني آهي.هن چيو ته 18هين ترميم کان پوءِ زراعت کاتو صوبن وٽ ناهي رهيو جنهن جي ڪري صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ صحيح طريقي سان رابطو ناهي رهندو ۽ سبب ڊيمانڊ ۽ سپلاءِ جي حوالي سان اپ ڊيٽڊ ناهي رهي جنهن جو نقصان اِهو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن هڪ صوبي ۾ ڪنهن شئي جي قلت پيدا ٿئي ٿي ته باقي صوبا به ان جي ناڪاري اثر جي آڙ ۾ ايندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ بحران جنم وٺندو آهي جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳتي لاءِ نيشنل ڊيمانڊ سپلاءِ سيل جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي.هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن صوبي ۾ ڪنهن شئي جي کوٽ ٿي ته ٻيا صوبا ان جي مدد ڪري ان کي پورو ڪري سگندا.هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ اهڙو ڪو به نقانو ناهي جنهن جي تحت ملاوٽ ڪندڙن جي خلاف موثر قانون سازي هجي ۽ ان کي موثر طريقي سان منهن ڏئي سگهجي ان ڪري وزير اعظم سمورين صوبائي حڪومتن کي هڪ هفتي جي مهلت ڏني آهي جيئن هو ملاوٽ جي ان قومي مسئلي مان ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ پلان آف ايڪشن بڻائي آڻيو ۽ ملاوٽ جي خلاف جهاد ڪري ان کي پهرين قومي ترجيح ڏيڻ جي ايجنڊا کڻي اچو ۽ عوام ۾ به آگاهي پيدا ڪيو. هن چيو ته ملاوٽ ڪندڙن جي خلاف قانون سازي ڪرڻ سان گڏوگڏ عوام ۾ شعور بيدار ڪيو ويندو ۽ چئني صوبن ۽ وفاق هڪ موثر هڪ حڪمت عملي جي ذريعي نيشنل ايمرجنسي سان نيشنل ايڪشن متعارف ڪرائينداسين ۽ ايندڙ هفتي وزير اعظم ان سلسلي ۾ ملاقات ڪندو.هن چيو ته آن لائن تحفظ يقيني بڻائڻ جي لاءِ جيڪا ترميم متعارف ڪرائي وئي آهي ان ۾ ٻين ملڪن ۾ لاڳو عالمي معيار سان اڳواڻي ورتي وئي آهي جيئن اسان کي پيش موجوده چيلنجن کي انهن سان ڀيٽي تيار ڪري سگهجي.هن ٻڌايو ته نين ترميمن کان 24 ڪلاڪن ۾ سوشل ميڊيا ڪمپنيز تڪراري مواد هٽائڻ جي پابند هوندي ۽ ايمرجنسي جي صورت ۾ انهن کي 6 ڪلاڪن ۾ ان عمل تي عمل ڪرڻو پوندو.هن وڌيڪ ٻڌايو ته سوشل ميڊيا ڪمپنيز کي 3 مهينن ۾ پاڪستان ۾ پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائڻو پوندو ڇو ته هي پاڪستان کان ٻاهر ويهي پاڪستانين کان ڪروڙين ڊالر ڪمائي رهيا آهن پر آفيس جي قيام ۽ رجسٽريشن سان رقم جي ادائيگي جو باقاعده طريقيڪار طئي ٿي سگهندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *