اسلام آباد(بيورو) اقتصادي رابطا ڪميٽي ايل پي جي ايئرمڪس منصوبن جي لاءِ 14 ارب 80 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ڪميٽي صنعتي شعبي کي بجلي تي سبسڊي ڏيڻ واري معاملي تي ڪميٽي به قائم ڪئي وئي آهي. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ اقتصاي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ايل پي جي ايئرمڪس منصوبن جي لاءِ 14 ارب 80 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏني وئي آهي. ايل پي جي ايئرمڪس منصوبن جي لاءِ اها رقم سوئي سدرن گيس جي ايل اين جي پائپ لائن منصوبي مان منتقل ڪئي ويندي. ڪميٽي ڪاندره ليز جي مدي ۾ چار سالن جي واڌ جي به منظوري ڏئي ڇڏي. ڪاندره گيس فيلڊ ۾ 120 ميگا واٽ جو پاور جنريشن پلانٽ به لڳايو ويندو. اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ صعنتي شعبي کي بجلي تي سبسڊي ڏيڻ واري معاملي تي غور ڪيو ويو. اي سي سي ان معاملي تي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. ڪميٽي سبسڊي جي معاملي تي تجويزون اي سي سي جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪندي. اقتصادي رابطا ڪميٽي پاڪستان مشين ٽول فيڪٽري جي ريٽائرڊ ملازمن جي رهتن جي ادائيگي لاءِ 30 ڪروڙ رپين جي گرانٽ به منظوري ڏئي ڇڏي آهي.