وزير اعظم جو نيب چيئرمين کي پارليامينٽ ۾ طلب ڪري جاچ جو مطالبو

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ميان نواز شريف جي خلاف مني لانڊرنگ جي الزام واري نيب نوٽيس تي نيب جي چيئرمين کي پارليامينٽ ۾ طلب ڪري ان کان جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته اهم مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ چاهيان ٿو جيڪي حالتون نيب جي ڪري پيدا ٿي رهيون آهن ان جو ڪو به مثال نٿو ملي. هن چيو ته نيب ڪرپشن جي خلاف پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ انصاف جا تقاضا پورا ڪري، نواز شريف تي به نيب جي عدالتن ۾ ڪيس هلي رهيا آهن، هفتي ۾ 6 پيشيون ٿي رهيون آهن ان جو ڪو به مثال نٿو ملي، نيب ۾ انصاف ٿيندي نظر نه پيو اچي. وزير اعظم نيب طرفان اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي خلاف مني لانڊرنگ بابت نوٽيس تي ڳالهائيندي چيو ته نيب طرفان 8 مئي تي پريس ريليز جاري ڪئي وئي، نيب جو سربراهه چوي ٿو ته نواز شريف 4 ڏهائي 9 ارب ڊالر ڀارت موڪليا، ادارو اهڙي قسم جا ڪم ڪندو ته ملڪ نه هلي سگهندو. شاهد خاقان عبسي چيو ته شرمندگي ان ڳالهه جي آهي ته نيب چيئرمين جو نالو مون ۽ خورشيد شاهه اتفاق سان موڪليو، اسان جو حق آهي ته جڏهن ان قسم جي ڳالهه ٿئي ته عوام ۽ هن ايوان جي سامهون رکون، اهو ڏاڍو سنجيده معاملو آهي، ڪنهن عام شخص نه پر ملڪ جي اڳوڻي وزير اعظم تي سنجيده الزام لڳايا ويا، دشمن ملڪ ۾ پيسا موڪلڻ وارو الزام لڳايو ويو. وزير اعظم چيو ته ايوان ان شئي کي ڏسي ۽ هن کي طلب ڪري، ان کان پڇيو وڃي ته ڪنهن توهان کي اختيار ڏنو ۽ توهان وٽ ڪهڙا ثبوت آهن، ان حوالي سان ڪو به اطلاع آهن ته ثبوتن سان گڏ ثابت ڪيو، ائين ڪرڻ سان ته سڀاڻي ڪنهن تي به الزام لڳي ويندا، موجوده حالتن ۾ اهو وقت کان اڳ ڌانڌلي جي زمري ۾ اچي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته اسان اليڪشن ڏانهن وڃي رهيا آهيون ۽ نيب جو ادارو اهڙا الزام هڻي رهيو آهي، ملڪ ۾ اڳوڻي وزير اعظم تي اهڙا الزام اسان جي لاءِ شرمندگي ۽ تڪليف جوڳي ڳالهه آهي ۽ ان ڪري رول 244 جي تحت اسپيشل ڪميٽي بڻائي وئي جيڪا ان معاملي جي جاچ ڪري، نيب جي ميمبرن کي طلب ڪري پڇو، رپورٽ بڻائي ايوان ۾ پيش ڪيو جيئن حقيقت عوام جي سامهون اچي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *