اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم نواز شريف سڄي ملڪ ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺندي سحر ۽ افطار ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزير اعظم جي صدارت هيٺ ڪابنيا جي توانائي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري ملڪ ۾ جاري بجلي جي لوڊشيڊنگ تي بريفنگ ڏني. پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري جو چوڻ هو ته بکي ۽ حويلي بهادت شاهه پلانٽ ۾ ٽيڪنيڪي مسئلي جي ڪري مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. وزير اعظم اجلاس ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن پلانٽ ۾ خرابي آهي ته ان کي پري ڪرڻ به توهان جي ذميواري آهي.