وزيراعظم 27 ڊسمبر بدران ڪنهن ٻي تاريخ تي اچي ته ضرور آجيان ڪندس:وزيراعليٰ سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۽ وفاقي سرڪار هڪ ڀيرو ٻيهر آمهون سامون: گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته وزيراعظم 27 ڊسمبر تي ڪراچي جي دوري دوران وڏي وزير سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي آهي، باضابطا طور دعوتنامو به موڪليو ويندو. مراد علي شاهه چيو آهي ته کيس اهڙو اطلاع نه ڏنو ويو آهي، 27 ڊسمبر تي راولپنڊي ۾ هوندو، وزيراعظم ٻي تاريخ تي ڪراچي اچي ته سندس آجيان ڪندو. وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گورنر عمران اسماعيل پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي جنم ڏينهن جي موقعي تي مزارِ قائد تي حاضري ڀري. اُن موقعي تي ڳالهائيندي گورنر عمران اسماعيل چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه وچ ۾ ملاقات هاڪاري رهي، هاڻي به وزيراعظم 27 ڊسمبر تي ڪراچي پهچي رهيو آهي ۽ وڏي وزير سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. گورنر عمران اسماعيل چيو ته وڏي وزير کي ملاقات جي حوالي سان باضابطا طور دعوتنامو به موڪليو ويندو. هُن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ پيپلز پارٽي منشور توڙي نظرياتي طور الڳ الڳ ٿي سگهن ٿيون، پر ٻئي جماعتون سنڌ جي مفادن لاءِ ڪم به ڪرڻ چاهين ٿيون، سو ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سوڌو جتي به وفاق جا منصوبا هوندا، اُتي ڏکيائيون پيش اچڻ جي صورت ۾ وڏي وزير کي مدد لاءِ چونداسين، اُميد ته ڪريون ٿا ته سنڌ سرڪار هاڪاري موٽ ڏيندي. اُن موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته وزيراعظم جي 27 ڊسمبر تي ڪراچي واري دوري بابت کيس ڄاڻ نه ڏني وئي آهي، هاڻي گورنر ميڊيا اڳيان ٻڌايو آهي ته وزيراعظم دوري تي اچي رهيو آهي، اسلام آباد ۾ ملاقات دوران وزيراعظم کي اهو ئي چيو هو ته توهان دوري تي اچو ٿا ته مون کي نٿو ٻڌايو وڃي، جنهن تي وزيراعظم چيو ته ڀلي نه اچو، کيس ڪو به مسئلو نه آهي. مراد علي شاهه چيو ته عمران خان کي هُن جواب ۾ چيو ته وڏي وزير جي حيثيت سان وزيراعظم جي آجيان ڪرڻ سندس فرض آهي، 27 ڊسمبر تي ڪراچي هجان ها ته وزيراعظم جي آجيان ڪريان ها، ڇاڪاڻ ته اُن ڏينهن شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي حوالي سان راولپنڊي ۾ جلسو آهي ۽ هو پيپلز پارٽي جو ڪارڪن آهي. سو وزيراعظم کي درخواست آهي ته 27 ڊسمبر بدران ڪنهن ٻي تاريخ تي اچي ته سندس آجيان ڪندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *