وزيراعظم 2018 تائين بجلي بحران تي ضابطو آڻڻ جو چيو هو: احسن اقبال

April 20, 2017 at 2:53 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

حيدرآباد (بيورو): وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف چيو هيو ته 2018 تائين بجلي بحران تي ضابطو آندو ويندو، بجلي جو هڪ منصوبو لڳائڻ ۾ 3 کان 4 سال لڳي ويندا آهن، آجياڻي کي خطاب ڪندي احسن اقبال جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ ڪو ڏينهن اهڙو نه گذرندو هو، جڏهن دهشتگردي جو ڪو واقعو نه ٿئي ۽ هر ڏينهن دهشتگردي جي واقعن سبب سمورا سرمائيدار پرڏيهه منتقل ٿي رهيا هئا پر وزيراعظم دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي ۽ انهن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي، هن چيو ته بجلي جو هڪ منصوبو مڪمل ڪرڻ ۾ 3 کان 4 سال لڳي ويندا آهن، جڏهن ته هڪ سال دوران بجلي جا سمورا منصوبا هڪ هڪ ڪري مڪمل ٿي ويندا، اهو ئي نه هڪ سال ۾ 10 هزار ميگا واٽ بجلي نظام ۾ داخل ٿيندي، جنهن سان ملڪ ٻيهر اوندهه مان نڪري ايندو.

اي پيپر