وزيراعظم ۽ چيني صدر ۾ ملاقات، علائقائي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون

بيجنگ (م ڊ) وزيراعظم عمران خان بيجنگ ۾ چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مجموعي ٻه طرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچپسي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب ٻنهي ملڪن جي وفدن سان گڏ ٿيندڙ ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 74هين اجلاس ۾ ڪشمير مسئلي تي پيش ڪيل موقف تي چيني جا صدر ٿورا مڃيا.ملاقات ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال تي روشني وجهندي وزيراعظم عمران خان اتي ٻن مهينن کان جاري لاڪ ڊائون جي خاتمي تي زور ڏنو.هن خاص طور تي چيني پرڏيهي وزير وانگ زي جي موقف جو ذڪر ڪيو، جيڪو هن گڏيل قومن ۾ پيش ڪيو ۽ چيو ته توهان جاءِ ۽ هر ڏکيائي ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو.عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪ – چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) منصوبا وقت تي مڪمل ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.وزيراعظم چيني صدر کي پاڪستان جي موجوده صورتحال بابت آگاهه ڪندي چيو ته پاڪستان سخت ترين معاشي حالتن مان نڪري آيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ چين جيڪو مالي سهڪار ڪيو، ان کي ڪڏهن نٿا وساري سگهون.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته چين حمايت فراهم ڪرڻ تي ڪڏهن به اسان جي قومي مفاد خلاف ڪنهن شئي جو مطالبو نه ڪيو ۽ اسان جي غير مشروط مدد ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *