اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان جي سربراهي ۾ ليگل ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ پاناما ليڪس ڪيس جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي عمران خان چيو ته وزيراعظم ۽ سندس خاندان چوري ۾ پڪڙجي پيو آهي، حڪومت پاناما ليڪس تي ٻڌڻي کي ڊگهو ڪرڻ چاهي ٿي.هن چيو ته اڄ سپريم ڪورٽ وينداسين ۽ شريف خاندان کي بچائڻ جي لاءِ عدالت ۾ ڪيتريون ئي درخواستون داخل ڪيون ويون آهن. عمران خان چيو ته عدالت ۾ پنهنجو ڪيس ڀرپور نموني وڙهنداسين، وزيراعظم ۽ سندس خاندان جيڪا چوري ڪئي آهي، اها ظاهر ٿيندي. حڪومت هاڻي پاڻ کي ڪنهن به صورت ۾ بچائي نٿي سگهي، عدالت مان وڏيون اميدون آهن، حق ۽ سچ جو فيصلو ٿيندو، عوام کي حقيقتن جو پتو پوندو. شريف ڀائر هاڻي ڪنهن به صورت ۾ بچي نٿا سگهن.