وزيراعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ اهم ملاقات، سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪ فوج جي سربراهه آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي وچ ۾ هڪ اهم ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ ملڪ ۽ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال سميت اهم معاملن تي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان طرفان تازو ئي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت واري مدي ۾ 3 سالن جي واڌ ڪئي وئي آهي.پاڪ فوج جي سربراهه جنرل باجوه جي ملازمت ۾ واڌ جو فيصلو خطي ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو.آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڪ فوج جي قيادت نومبر 2016 ۾ سنڀالي هئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *