وزيراعظم ڪير ٿيندو آ اين آر او ڏيڻ وارو:بئريسٽر مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته موجوده حڪومت جي غلط پاليسين سبب معيشت کي وڏو نقصان پهچي رهيو آهي، حڪومت خلاف احتجاج ۾ مخالف ڌر متحد آهي.سنڌ اسيمبلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته 126 ڏينهن ڌرڻو هڻندڙ شخص ۾ مخالف ڌر جي ڌرڻي بابت برداشت هئڻ گهرجي، کيس پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ گهرجي، وفاقي سرڪار معيشت جي بهتري لاء نه پئي سوچي، وفاقي حڪومت گذريل سال چار سئو 14 ارب رپيا حدف کان گهٽ ٽيڪس اوڳاڙي سگهي، اسٽيٽ بئنڪ چيوآهي ته ايندڙ سال به معيشت بهتر نه ٿي سگهندي.هن چيو ته حڪومت جي غلط پاليسين سبب واپاري برادري سراپا احتجاج آهي، جيڪڏهن دڪاندارن دڪان بند ڪري ڇڏيا ته ملڪ ناڻو ڪٿان ڪمائي سگهندو، ان ڪري وزيراعظم کي واپارين جي احتجاج جو نوٽييس  وٺڻ گهرجي، ڪنهن به احتجاج جو نتيجو صوبائي حڪومتن کي ڀوڳڻو پوي ٿو.سندس چوڻ هو ته وزيراعظم کي ڪِن ۾ اچي ڪير چوي ٿو ته اين آر او گهرجي، پ پ ته ڪو به اين آر او ناهي گهريو ۽ اين آر او ڏيڻ وارو وزيراعظم ڪير ٿيندو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *