وزيراعظم ڪورونا کان وڌيڪ اپوزيشن کي خطرو سمجهي رهيو آهي: نفيسه شاهه

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ ايم اين اي نفيسه شاهه پي ٽي آءِ سرڪار تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم ڪورونا کان وڌيڪ اپوزيشن کي خطرو سمجهي رهيو آهي، اپوزيشن عوام کي ڪورونا جي رحم و ڪرم تي ڇڏڻ نه ڏيندي، ملڪ ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي نتيجي ۾ صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي، قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته ڊبليو ايڇ او چيو آهي ته ٻن هفتن تائين لاڪ ڊائون ڪريو، قوم هن وقت سونامي ۾ آهي ته اُن جو ذميوار ڪير آهي؟ قومي اسيمبلي ۾ تقرير دوران نفيسه شاهه وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا تي وزيراعظم جا 3 چهرا هلي رهيا آهن، ٻڌايو وڃي ته وزيراعظم جو اصل چهرو ڪهڙو آهي، وفاقي حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي، سموري ذميواري سنڌ سرڪار تي مڙهي پئي وڃي، ڪورونا بابت بهتر فيصلا ناهن ٿي رهيا، ڪورونا سبب صورتحال خراب ٿي وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *