وزيراعظم ڪنهن به فيصلي ۾ عالمي دٻاءَ جو تاثر رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي اقتصادي سڌارن واري بل 19-2018 جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم عمران خان چيو ته وقت سر ۽ درست فيصلن سان جنگ جو خطرو ٽري ويو، جڏهن ته پارٽي ميمبرن وزيراعظم جي امن لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اتحادي پارٽين جا ميمبر به شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ وزيراعظم پاڪ – ڀارت ڇڪتان تي ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو ۽ عالمي برادري جي سهڪار تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پارلياماني پارٽي اقتصادي سڌارن واري بل 19-2018 جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ اپوزيشن جي احتجاج جو جائزو ورتو ويو ۽ قومي اسيمبلي جو ايوان منظم طريقي سان هلائڻ جي حوالي سان به حڪمت عملي طئي ڪئي وئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير فيصل واوڊا جي تازن بيانن وارو معاملو به بحث هيٺ آيو ۽ وزيراعظم وفاقي وزير جي معافي کي هاڪاري قدم قرار ڏنو، جڏهن ته پارلياماني پارٽي ميمبرن چيو ته معافي کانپوءِ اپوزيشن جي تنقيد بنا جواز آهي، سڀني کان غلطي ٿي ويندي آهي، معافي کانپوءِ احتجاج مناسب ناهي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته وقت سر ۽ درست فيصلن سبب جنگ جو خطرو ٽري ويو، ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ٿي پر خطرو برقرار آهي. سندس چوڻ هو ته پابندي پيل تنظيمن جو معاملو اندروني آهي، ڪو به فيصلو عالمي دٻاءَ تحت ناهي ڪيو، دنيا کي واضح ڪري چڪا آهيون ته اهو فيصلو ڪنداسين، جيڪو ملڪ جي مفاد ۾ هوندو. اجلاس ۾ ميمبرن وزيراعظم کي امن لاءِ کنيل قدمن تي خراج پيش ڪيو ۽ چيو ته عمران خان جي ڪردار سان دنيا کي پاڪستان جو هاڪاري پيغام پهتو، جڏهن ته ميمبرن بهترين سفارتڪاري تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي پڻ شاباش ڏني.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *