وزيراعظم ”ڪلين اينڊ گرين پاڪستان“ مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان ”ڪلين اينڊ گرين پاڪستان“ جي نالي سان سڄي ملڪ ۾ صفائي مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم طرفان ملڪ کي صاف سٿرو رکڻ جي عزم تحت ان صفائي مهم جي شروعات وڏن شهرن کان ٿيندي. اسلام آباد ۾ صفائي مهم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان کي مهم ذريعي ماڻهن جو ذهن تبديل ڪرڻو آهي، ڇو ته هر وڏي ڪم کان اڳ تصور ڪرڻو پوندو آهي. سندس چوڻ هو ته صفائي مهم جا چار پهلو آهي، پنهنجي ٻارن کي ماحوليات ۽ صفائي بابت آگاهه ڪرڻو آهي ۽ کين ٻڌائڻو آهي ته ملڪ کي صاف رکڻ ڪيترو ضروري آهي. مهم بابت تفصيل ٻڌائيندي عمران خان وڌيڪ چيو ته هر تعلقي ۽ ڳوٺ جي سطح تي ڪچري جون ڊمپنگ سائٽس ٺاهيون وينديون ۽ صفائي مهم ۾ تعلقي سطح تي مقابلو ڪرايو ويندو. هن چيو ته صفائي مهم ۾ حڪومت، سول سوسائٽي ۽ شاگرد سڀ شريڪ ٿيندا، جيئن جيئن صفائي ٿيندي مهم وڌندي ويندي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڪلين اينڊ گرين پاڪستان جا ايمبيسڊر به ٺاهيا ويندا، جڏهن ته مهم کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي نوڪريون به ڏينداسين. سندس موجب عالمن کي به چيو ويندو ته جمعي ڏينهن صفائي لاءِ اپيل ڪن، 2023 تائين ملڪ ۾ ٽوائليٽس جي کوٽ پوري ڪئي ويندي، جڏهن ته پيٽرول پمپس ۽ سي اين جي اسٽيشنز کي به ليٽرينون صاف رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته عوام جي سهڪار کانسواءِ حڪومت مسئلا حل نٿي ڪري سگهي، جيڪڏهن اسان عزم ڪيون ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي سگهي ٿو.2

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *