اسلام آباد: (بيورو) فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم ڪشميرين جو آواز بڻجي ويو آهي، هو گڏيل قومن ۾ ڪشمير جو ڪيس وڙهڻ وڃي رهيو آهي، هاڻ دناي کي ڪشمير لاءِ ڊومور طرف وڃڻو آهي.تفصيل موجب سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ وفاقي ڪابينا اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان ميمبرن کي گذريل ڏينهن قوم کي خطاب تي اعتماد ۾ ورتو.ڪابينا ڪشمير ايشو کي تحريڪ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو ۽ جمعي تي ڪشمير سان يڪجهتي جي اظهار جي وزيراعظم جي فيصلي جي منظوري ڏني.فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڀارتي قدمن جي ڪري عالمي امن کي خطرو پيدا ٿي چڪو آهي، جمعي تي 12 وڳي کان وٺي ساڍي 12 تائين پوري قوم ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ۽ ڪشمير مسئلي تي قومي يڪجهتي جو مظاهرو ڪري ڀارت کي اثرائتو پيغام ڏيندي.