اسلام آباد (بيورو رپورٽر) وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ بجلي جَي اگهه ۾ 2 رپيا 89 پيسا واڌ وارو فيصلو ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عمران خان چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جا مسئلا حل ٿيڻ تائين ڪراچي کي نيشنل گرڊ مان بجلي ڏني وڃي. وفاقي ڪابينا جِي توانائي بابت ڪميٽي جَي اجلاس دوران وزيراعظم ڪراچي ۾ بجلي جِي لوڊشيڊنگ فوري طور ختم ڪرڻ جِي هدايت ڪندي وفاقي وزيرن کي اهم ٽاسڪ ڏنو. وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جَي معاملي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. ڪراچي واسين سان ناانصافي قبول نه ڪنداسين. وفاقي سرڪار لوڊشيڊنگ جَي خاتمي لاءِ وسيلا فراهم ڪري رهي آهي.