وزيراعظم کي پنهنجي حقن جي خبر ئي ڪونهي، هو پاڻ ڪنهن جي نوڪري ڪري رهيو آهي:مريم نواز

اسڪردو (ڊيسڪ رپورٽ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز به گلگت بلستان جي چونڊ مهم لاءِ ميدان تي اچي وئي، اسڪردو جي گمبه واري علائقي ۾ چونڊ جي جلسي کي خطاب دوران پي ٽي آءِ حڪومت تي ڇتي تنقيد، مريم نواز چيو آهي ته وزيراعظم کي پنهنجي حقن جي خبر ئي ڪونهي، هو پاڻ ڪنهن جي نوڪري ڪري رهيو آهي، فوج جي جاءِ پولنگر اسٽيشنز نه، پر سرحدن تي آهي، جعلي حڪمرانن گلگت جي عوام جو ووٽ چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستان سوڌو سڄي دنيا سندن تماشو ڏسندي، گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهڻ جو اختيار فرد واحد يا ڪجهه ماڻهن کي نه، پر عوام کي آهي، عوام اهو اختيار ٻين جي هٿن ۾ نه اچڻ نه ڏيندو، چونڊ جلسي کي خطاب دوران مريم نواز چيو ته جعلي وزيراعظم گلگت بلتستان کي عبوري صوبو ٺاهڻ جو واعدو ڪيو، عوام سندس ڪوڙن واعدن ۽ چالاڪي کي سمجهي ويو آهي، چهري تي هٿ رکي ڳالهائيندڙ وزيراعظم جي وڃڻ جو وقت اچڻ وارو آهي، حڪومت جي ڪرندڙ ديوار کي آخر ڌڪو گلگت جو عوام ڏيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *