وزيراعظم کي مرضيءَ جو رانديڪو بڻائڻ جي روايت برقرار آهي: نواز شريف 

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته جمهوريت تي جڏهن به يلغار ٿي، اسان جي عدليه جي هڪ حصي آمرن جو ساٿ ڏنو، اڄ به جمهوريت جو مستقبل سواليه نشان بڻيل آهي. ڪراچيءَ ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته 70 سال گذرڻ باوجود اڄ به سياسي آسمان پوري طرح صاف ناهي، اسان جي آبهوا ۾ گدلاڻ اڃا به باقي آهي. هن چيو ته نظريه ضرورت پاڪستان جي جمهوريت کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو آهي، 1999ع ۾ جڏهن اسان جي حڪومت ختم ٿي هڪ جج چيو ته نواز شريف جو تختو اونڌو ڪري تمام سٺو ڪيو ويو ۽ پوءِ پرويز مشرف کي اختيار ڏنو ويو ته هو ٽن سالن تائين پاڪستان سان جيڪو وڻي سو ڪري جيتوڻيڪ اهو اختيار ججن وٽ نه هو. سندس چوڻ هو ته سياستدانن کي ڦاهي ڏني وئي پر ڪنهن ڊڪٽيٽر کي ڪجهه نه ڪيو ويو، اها ڳالهه افسوس جوڳي ناهي ته طاقتور عدليه آمرن اڳيان ڍير ٿي ويندي آهي. نواز شريف چيو ته  پرويز مشرف کي اڃا تائين غداري جي سزا نه ملي آهي، هو ملڪ مان ڀڄي ويو آهي. هن چيو ته  بلوچستان اسيمبليءَ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو سڀني سامهون آهي، ملڪي مستقبل لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا. سندس چوڻ هو ته 2014ع ۾ پهريون ڀيرو ڊڪٽيٽر کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو، پارليامينٽ کي 4 مهينا رهڻ باوجود غير يقيني جي فضا برقرار آهي. نواز شريف چيو ته 70 ورهين ۾ ڪو به وزيراعظم پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهيو، آمرن طرفان آئين ۽ جمهوريت تي حملن جمهوريت کي نقصان پهچايو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *