راولپنڊي (م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وزيراعظم کي سڄي ملڪ ۽ انساني جانين جو سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻ گهرجي.سيد مراد علي شاهه نيب راولپنڊي ۾ پيش ٿيو، سندس پيشي جي موقعي تي نيب اولڊ هيڊ آفيس ٻاهران سيڪيورٽي جا سخت انتظام هئا ۽ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي هئي.نيب سنڌ جي وڏي وزير کي سولر لائٽس ڪيس ۾ غير قانوني ٺيڪا ڏيڻ ۽ سنڌ روشن پروگرام جي ڪيس ۾ طلب ڪيو هو.نيب ۾ پيشي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته نيب کي سوالن جا جواب ڏنا، سوال هو ته سولر اسڪيم بجيٽ ۾ نه هئي، پوءِ منظوري ڏني وئي، پڇيو ويو ته بجيٽ ۾ جيڪا اسڪيم شامل نه هئي ته منظوري ڇو ڏني وئي؟سندس چوڻ هو مان جواب ڏنو ته آئين تحت بجيٽ ۾ شامل نه ڪيل اسڪيم جي به اجازت ڏئي سگهجي ٿي، آئين ۽ قانون موجب سولر اسڪيم جي منظوري ڏني وئي.هن چيو ته مان نيب کي سوالن جا جواب ڏنا ۽ ڪوشش ڪئي ته آئيني حقيقت کان ان کي آگاهه ڪيان، اڃا سوالنامو ناهي ڏنو ويو پر چيو ويو ته سوالنامو ڏنو ويندو.سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي حوالي سان چيو ته جتي ايس او پيز تي عمل نه پيو ٿئي، ان جو الزام ماڻهن تي نه هڻندس، حڪومت طرفان وبا بابت مڪس پيغام عوام تائين ويا، عوام کي هڪ پيغام وڃڻ گهرجي ته اهو سنجيده مسئلو آهي.وڏي وزير موجب ڪراچي ۾ ڪورونا جا ڪيس وڌيڪ آهن، سمورا قدم طبي ماهرن جي مشاورت سان کنيا ويا، وزيراعظم کي سڄي ملڪ ۽ انساني جانين جو سوچي فيصلو ڪرڻ گهرجي، مان ڪنهن به فيصلي ۾ وفاق خلاف نه ويس، اين سي سي ۾ فيصلي باوجود ڪجهه صوبن مارڪيٽون کوليون، باقي صوبن مارڪيٽون کوليون ته عدالت اسان کان پڇاڻو ڪيو.هن چيو ته پي ٽي آءِ قيادت اسٽيل ملز ۾ بيهي چيو هو ته جيڪڏهن ملازمن کي حق نه مليو ته انهن سان گڏ بيهنداسين، اسان اسٽيل ملز ملازمن سان گڏ آهيون.