وزيراعظم چوي ٿو ته هڪ صوبي جو وڏو وزير آمر آهي، اُن جي ڪهڙي وضاحت ٿيندي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ سنڌ سرڪار طرفان لگزري گاڏين جي خريداري لاءِ رکيل 4 ارب رُپيا عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته وزيراعظم چوي ٿو ته هڪ صوبي جو وڏو وزير آمر آهي، اُن جي ڪهڙي وضاحت ٿيندي، وزيراعظم ۽ وفاقي سرڪار جي اُنهي صوبي ۾ ڪابه رِٽ نه آهي، ڪورونا ڪيس تي ٻڌي دوران چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ نالا صاف ڪرڻ لاءِ پئسا نه آهن، ائين گاڏيون خريد ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، سنڌ حڪومت کي لاڪ ڊائون ڪرڻو آهي ته ڪري، پر ماڻهن کي کاڌو، پاڻي ۽ بجلي فراهم ڪري، حڪومت چاهي ته صوبي کي ڪٿان کي ڪٿي پهچائي سگهي ٿي، عدالت چيو آهي ته صحت ۽ تعليم جا شعبا ويهجي ويا، بظاهر ڪوبه ادارو ڪم نه ڪري رهيو آهي، هر اداري جو اين ڊي ايم اي جهڙو حال آهي، ڇا عوامي مسئلن تي پارليامينٽ ۾ اتفاق راءِ آهي؟ رڳو ٽي وي تي بيانبازي سان عوام جو پيٽ نٿو ڀرجي سگهي. سُپريم ڪورٽ پائليٽس جي جعلي ڊگريز واري معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته مسافرن جون زندگيون خطري ۾ وجهڻ سنگين ڏوهه آهي، ڊي جي سول ايويئيشن اٿارٽي کان ٻن هفتن ۾ جواب طلب ڪيو ويو آهي، ڪورونا وائرس ڪيس جي ٻڌڻي دوران پائليٽس جي جعلي ڊگريز واري معاملي جو نوٽيس ورتو ويو، عدالت پي آءِ اي، ايئر بلو ۽ سيرين ڪمپني جي سربراهن کي به ايندڙ ٻڌڻيءَ تي طلب ڪري ورتو، جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سول ايويئيشن وارا پئسا وٺي پائليٽس لائسنس جاري ڪن ٿا، ڄڻ ته پائليٽس هلندڙ ميزائل اُڏائي رهيا هجن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *