اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان پيٽرول جي هٿرادو بحران ۾ ملوث ڪمپنين خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پيٽرول جي بحران تي وزيراعظم کي جاچ رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته 9 آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ڄاڻي واڻي پيٽرول جي کوٽ پيدا ڪئي، اسٽوريج ۾ پيٽرول هجڻ باوجود پهرين جون کان پيٽرول جي سپلاءِ محدود ڪئي وئي.جاچ رپورٽ تي وزيراعظم پيٽرول جي هٿرادو بحران ۾ ملوث ڪمپنين ۽ ماڻهن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.عمران خان بحران ۾ ملوث ڪمپنين جا لائسنس معطل ۽ رد ڪرڻ سميت ذخيرو ٿيل پيٽرول مارڪيٽ ۾ سپلاءِ ڪرڻ جون به هدايتون ڏنيون آهن.هوڏانهن پيٽرول بحران تي ٻڌل ”فيول ڪرائسز ڪميٽي“ کي پيٽروليم ڪمپنين چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ ڪمپنين جي وڪيل چيو ته اوگرا پاڻ ريگوليٽر آهي، وفاقي وزير کي فيول ڪرائسز ڪميٽي جوڙڻ جو اختيار ناهي، ڪميٽي ۾ ايف آءِ اي کي شامل ڪرڻ به غير قانوني آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آئل ڪمپنين جي درخواست تي توانائي واري وزارت، اوگرا، فيول ڪرائسز ڪميٽي ۽ ايف آءِ اي کي 25 جون لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.