وزيراعظم پاران ملڪ ۾ ڇنڇر کان مرحليوار لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) وزيراعظم عمران خان ڇنڇر تي مرحليوار لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سڀني کي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، لاڪ ڊائون سبب ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ تمام گهڻو پريشان آهن، اسان ڪاروبار کولڻ جي حوالي سان ايس او پيز تيار ڪري ورتيون آهن، جيڪڏهن عمل نه ٿيو ته اسان کي ٻيهر لاڪ ڊائون طرف وڃڻو پوندو، اسان کي عقلمندي سان لاڪ ڊائون ختم ڪرڻو آهي، صوبن کي به ايس او پيز ٺاهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، هر شيءَ لاءِ ايس او پيز ٺاهيون آهن، عوام کي به ذميواري کڻڻي پوندي، قرنطينا سينٽر ڀرجي ويا آهن، جن ۾ وڌيڪ سهولتون نه آهن، اسان صوبن کي گهرن ۾ قرنطينا ڪرڻ جو چئي رهيا آهن، اسان کي عقلمندي سان لاڪ ڊائون کي کولڻو پوندو، ٽائيگر فورس عوام کي ٻڌائيندي ته ڇا ڪرڻو اهي، اميد آهي ته هڪ قوم ٿي ٻئي فيز تي وينداسين، پبلڪ ٽرانسپورٽ کلڻ گهرجي پر صوبن کي ان تي خدشا آهن، جيڪڏهن شهرين احتياط نه ڪيو ته اسان کي ٻيهر لاڪ ڊائون ڏانهن وڃڻو پئجي ويندو، حڪومت ڏنڊي جي زور تي سماجي وٿيءَ تي عمل نه ڪرائيندي، اوهان کي به پنهنجي ذميواري کي سمجهڻو پوندو، اسان هر شعبي کي کولڻ لاءِ باقاعده ايس او پيز تيار ڪري ورتيون آهن، لاڪ ڊائون ختم ڪري رهيا آهيون، ڀلا اسان ڪيستائين ماڻهن کي پيسا ڏينداسين، هونئن به اسان وٽ پئسا گهٽ آهن، لاڪ ڊائون سان روينيو گهٽجي رهيو آهي، لاڪ ڊائون جي ڪري اسان جي ايڪسپورٽ گهٽجي وئي آهي، ٽيڪس اوڳاڙي ۾ به گهتٽائي اچي وئي آهي، جيڪڏهن هن مشڪل گهڙي مان نڪرڻو آهي ته حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندي. اسان هي فيصلو ننڍو ڪاروبار ڪندڙ طبقي جي ڏکيائن کي ڏسندي ڪيو آهي. احتياطي تبدرين عمل سان گڏ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي کولڻ گهرجي، ٽرانسپورٽ کي کولڻ سان عام ماڻهو کي فائدو ٿيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *