اسلام آباد : (بيورو) وزيراعظم عمران خان شاهه محمود قريشي ۽ جهانگير ترين وچ ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو ۽ ان سلسلي ۾ هن ٻنهي اڳواڻن سان الڳ الگ ملاقات به ڪئي.ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان ٻه ڏينهن اڳ جهانگير ترين ۽ شاهه محمود قريشي سان الگ الگ ملاقاتون ڪيون هيون ۽ کين ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. ذريعن موجب ملاقات دوران وفاق، پنجاب ۽ ڪي پي جي حڪومت جي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم عمران خان ٻنهي اڳواڻن سان صوبائي ڪابينا جي حوالي سان به مشاورت ڪئي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا کانپوءِ ڪي پي ڪابينا ۾ به تبديلين جو امڪان آهي. ياد رهي ته شاهه محمود قريشي ۽ جهانگير ترين ڪيترائي دفعا هڪ ٻئي کي تنقيد جو نشانو بڻائي چڪا آهن ۽ تحريڪ انصاف جي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڇڪتاڻ ان وقت زور وٺي وئي جڏهن شاهه محمود قريشي جهانگير ترين کي ڪابينا جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ تي سوال اٿاري ڇڏيو هو.جهانگير ترين شاهه محمود کي جواب ڏيندي چيو هو ته آئون جتي به ويندو آهيان عمران خان جي مرضي ۽ خواهش سان ويندو آهيان. مون کي پاڪستان جي خدمت ڪرڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان به ان حوالي سان چيو هو ته زرعي پاليسي بابت مون پاڻ جهانگير ترين کي اسائنمنٽ ڏني هئي. عدالتي فيصلن جو احترام ڪريون ٿا ۽ جهانگير ترين کان ماهر هجڻ تي بريفنگ ورتي هئي.