وزيراعظم پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي انڊومينٽ فنڊ لاءِ هڪ ارب رپين جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي انڊومينٽ فنڊ لاءِ هڪ ارب رپين جو اعلان ڪندي چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ ۾ اسان جي دور ۾ 50 سيڪڙو واڌ ٿي آهي ۽ ايندڙ بجيٽ ۾ ان کي وڌيڪ وڌائينداسين اميد آهي ته نئين حڪومت به ان پروگرام کي جاري رکندي هو خميس تي هتي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي هيڊڪوارٽر ۾ بي آءِ ايس پي گريجوئيشن پروگرام ۽ بي آءِ ايس پي انڊومينٽ فنڊ جاري ڪرڻ جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو ان کان اڳ هن ان پروگرامن جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ماروي ميمڻ پاڪستان ۾ يورپي يونين جو سفير آر ايس پي جو سربراهه شعيب سلطان خان ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سيڪريٽري عمر حميد خان به خطاب ڪيو وزيراعظم چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو دائرو وڌيڪ وڌائينداسين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام غريب ماڻهن جي مدد لاءِ هر وقت تيار آهي وزيراعظم چيو ته بي آءِ ايس پي گريجوئيشن پروگرام تحت معاشري جي غريب ماڻهو ان مان فائدو ورتو آهي ۽ انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ هڪ ئي مهل روڪ رقم ڏني ويئي آهي ته جيئن اهي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهن هن پروگرام کي ساراهيندي چيو ته ڪنهن به سماجي تحفظ جي پروگرام جي معاشري ۾ خاص اهميت آهي هن اميد ظاهر ڪئي ته هن پرورام مان فائدو وٺندڙ ماڻهو ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته انڊومينٽ فنڊ لاءِ موجود رقم هڪ سٺي شروعات آهي جڏهن ته هي ڪائي وڌيڪ رقم نه آهي ان جو حجم وڌيڪ وڌايو وڃي هي پروگرام ملڪ مان غربت ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو هن چيو ته پهرين جون تي اسان جي حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري ختم ٿي ويندي اميد آهي ته نئين حڪومت پروگرام جو حجم ۽ دائري واري عمل کي وڌائڻ سان گڏوگڏ هن پروگرام کي غريبن لاءِ جاري رکندي ۽ گريجوئيشن پروگرام تي به خاص ڌيان ڏنو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *