لاهور (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف آزادي جي ڏهاڙي جي70 هين سلگرهه جي موقعي کي سڄي ملڪ ۾ شاندار طريقي سان ملهائڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. تقريب کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي جنهن جي سربراهي سڌ سماءِ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ڪندي، پي ٽي پروگرامن جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي وي جي چيرمين عطاالحق قاسمي پروگرامن جي نگراني ڪري رهيو آهي، پي ٽي وي اسلام آباد سينٽر کان پيش ٿيندڙ پروگرام ايڪسيڊيشن پاڪستان ۽ ملٽِي لينگوئل راڳ جي رڪارڊنگ لاءِ پي ٽي وي جو ٽيمون سڄي ملڪ جو دورو ڪري رهيون آهن. ملٽي لينگول راڳ ملڪ جي ڏهن علائقائي ٻولين تي ٻڌل هڪ راڳ آهي. جنهن ۾ پاڪستانيت جو انتهائي بهترين انداز ۾ اظهار ڪيو ويو آهي. پاڪستان اسپيچز تقريري مقابلو آهي جنهن ۾ نوجوان پنهنجي صلاحيتن جو اظهار ڪندا پاڪستان ڪوئيز ۾ پاڪستان جي حوالي سان سوال جواب ڪيا ويندا. ان کان سواءِ خاص مشاعرا ۽ نوان ملي نغما ۽ وڌيڪ دلچسپ پروگرام نشر ڪيا ويندا.