اسلام آباد ( بيورو) وزيراعظم عمران خان نيڪٽا جي ڪردار جي جائزي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ نيڪٽا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ، ناڻي واري وزير اسد عمر، ممڪلتي وزير شهريار آفريدي ۽ قانون واري وزير فروغ نسيم سميت ڊي جي آءِ ايس پي آر شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ سڪيورٽي ادارن وچ ۾ رابطا بهتر بڻائڻ ۽ نيڪٽا کي فعال بڻائڻ بابت تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس ۾ دهشتگردي خلاف کنيل قدمن جي جائزي سميت ادارن وچ ۾ ڄاڻ جي مٽاسٽا کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اندروني ۽ پرڏيهي چئلينج آهن، انٽيليجنس ادارن ۾ مضبوط رابطن جي ضرورت آهي، دهشتگردي خلاف جنگ وڏو چئلينج آهي، جنهن تي ڪنٽرول ڪيو ويندو. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ انٽيليجنس ادارن جو ڪردر اهم آهي، ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري، هٿياربند فوج ۽ انٽيليجنس ايجنسين سميت ٻين اسٽيڪ هولڊرز جي ٿورن سان آهي. سندس چوڻ هو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته گذريل حڪومتن نيڪٽا لاءِ ڪجهه خاص نه ڪيو، نيڪٽا جي بورڊ آف گورنرز جو اجلاس به نه گهرايو ويو آهي. وزيراعظم نيڪٽا جي ڪردار جي جائزي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.