وزيراعظم شهبازشريف نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽيءَ جو اجلاس سومر ڏينهن طلب ڪري ورتو آهي.
ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جي وڌندڙ واقعن بعد وزيراعظم شهبازشريف نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽيءَ جو اجلاس طلب ڪيو.
اجلاس ۾ اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت توڙي صوبائي وڏا وزير شرڪت ڪندا، جڏهن ته قومي سلامتي جي ادارن جا سربراهه به شريڪ ٿيندا.
ايپڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ ملڪ ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو ۽ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي آپريشنن جي نتيجن بابت به آگاهه سول ۽ فوجي قيادت کي آگاهي ڏني ويندي.
اجلاس ۾ خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان مان دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي لاءِ اهم فيصلن جي منظوري ڏني ويندي.