وزيراعظم نواز شريف 15 جون تي جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيندو

اسلام آباد (بيورو): وزيراعظم نواز شريف 15 جون تي پاناما ڪيس جي جاچ ڪندڙ گڏيل جاچ ٽيم” جي آءِ ٽي“ آڏو پيش ٿيندو ، لاهور ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ آئيني ۽ قانوني ماهرن جو اجلاس ڪوٺايو ويو ، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وزيراعظم نوا ز شريف خميس ڏهاڙي 15 جون تي جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيندو، ذريعن موجب جي آءِ ٽي وزيراعظم سان رابطي ۾ هئي ۽ هاڻي وزيراعظم نواز شريف پاڻ خميس ڏهاڙي جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي سوالن جا جواب ڏيندو ، ان کان اڳ وزيراعظم جا ٻئي پٽ حسن ۽ حسين نواز جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي پنهنجا پنهنجا بيان قلمبند ڪرائي چڪا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *