وزيراعظم نواز شريف جي پٽ حسين نواز جي آءِ ٽي ۾ بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو  

May 29, 2017 at 3:51 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد( بيورو) وزيراعظم نواز شريف جي پٽ حسين نواز پاناما ليڪس بابت جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿي پنهنجو بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو. اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ جي جوڊيشل اڪيڊمي ۾ پاناما ليڪس بابت جي آءِ ٽي جو اجلاس واجد ضياءَ جي صدارت هيٺ ٿيو. وزيراعظم نواز شريف جو پٽ حسين نواز وزيراعظم هائوس کان سخت سڪيورٽيءَ ۾ جي آءِ ٽي اڳيان وڪيل سميت پيش ٿيو. حسين نواز جي آءِ ٽي اڳيان پنهنجو موقف پيش ڪري ڇڏيو. وزيراعطم نواز شريف جو پٽ حسين نواز ٻن ڪلاڪن تائين فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي ۾ رهيو. جوڊيشل اڪيڊمي آمد جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي حسين نواز چيو ته  جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿيڻ لاءِ کيس رڳو 24 ڪلاڪن جو وقت ڏنو ويو. هن چيو ته کيس بنا دستاويزن ۽ سوالن جي طلب ڪيو ويو آهي ۽ کيس ڪو به پروسيجر نه موڪليو ويو آهي.

اي پيپر