اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تنقيد ڪندي چيو آهي ته لداخ ۾ وڌندڙ تڪرار دوران وزيراعظم عمران خان اي ٽي ايم مشينن جي ڳولا لاءِ سنڌ جي هڪ طرفي دوري تي مصروف رهيو.بلاول ڀٽو زرداري سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيو هو ته لداخ ۾ وڌندڙ تڪرار دوران آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽر ۾ غير معمولي اجلاس ٿيو پر لداخ جي تڪرار دوران وزيراعظم بالڪل غائب رهيو.هن چيو ته وزيراعظم لداخ ۾ تڪرار دوران نئين اي ٽي ايم مشينن جي ڳولا لاءِ پنهنجي سنڌ جي هڪ طرفي دوري ۾ مصروف رهيو. ڇو ته جڏهن لداخ ۾ تڪرار هو ته ان وقت وزيراعظم سنڌ ۾ پنهنجي ميڊيا ۽ سياست سان لاڳاپيل جانبدار اتحادين سان ملاقاتون ڪري رهيو هو.بلاول ڀٽو چيو ته وزيراعظم سنڌ جي دوري دوران ڊاڪٽرن، ڪورونا وائرس، هارين ۽ ماڪڙن کي بالڪل نظر انداز ڪري ڇڏيو هو. هن سوال ڪيو ته وزيراعظم اڃان تائين ڇو چين ۽ ڀارت جي تڪرار تي خاموش آهي.؟