اسلام آباد (بيورو چيف) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس سبب ملڪ ۾ لاڳو جزوي لاڪ ڊائون ۾ ٻن هفتن جي واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو.وزيراعظم جي سربراهي ۾ نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ ٻه هفتا به لاڪ ڊائون برقرار رهندو.صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا وائرس جيترو پکڙجڻ گهرجي ها، ان جو 30 سيڪڙو پکڙيو آهي، ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ گهٽ ماڻهو متاثر ٿيا، اٽلي ۽ اسپين جي صورتحال ڏسو، اسان کي الله جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته ڪورونا وائرس ڪنهن به وقت پکڙجي سگهي ٿو، احتياط جاري رکجي، نوجوانن کي وائرس گهڻو متاثر نٿو ڪري پر اهي ئي نوجوان پنهنجي گهرن ۾ بزرگن جون زندگيون خطري ۾ وجهي سگهن ٿا، وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، هيل تائين اسان صحيح هلي رهيا آهيون.ان کان اڳ وفاقي ڪابينا به لاڪ ڊائون ۾ 30 اپريل تائين واڌ جي منظوري ڏني.وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي معاشي صورتحال تي غور ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا.اجلاس ۾ ڪورونا وائرس سبب ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ ڪابينا لاڪ ڊائون ۾ 30 اپريل تائين واڌ جي منظوري ڏني.وزير اعظم عمران خان ڪامياب نوجوان پروگرام تحت رقم وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هاڻي نوجوان پروگرام تحت 50 لک بدران اڍائي ڪروڙ رپين تائين رقم ڏني ويندي. وزير اعظم عمران خان سان ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ ۽ خاص معاون عثمان ڊار جي ملاقات دوران نوجوانن کي ڪاروبار ۾ وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وزير اعظم عمران خان ڪامياب نوجوان تحت ڪاروبار ڪرڻ جي لاءِ ملندڙ رقم ۾ اڍائي ڪروڙ رپين تائين واڌ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزير اعظم عمران خان چيو ته ڪامياب نوجوان پروگرام تحت رقم واجب ادا انٽرسٽ ريٽ به 8 سيڪڙو کان گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.