وزيراعظم عمران خان 25 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي سان خطاب ڪندو

اسلام آباد (بيورو)وزيراعظم عمران خان 25 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي سان خطاب ڪندو.ذريعن موجب گڏيل قومن وزيراعظم جي خطاب جي ترتيب بابت پاڪستان کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جو جنرل اسيمبلي ۾ ٻي پهري جي سيشن ۾ خطاب ٽئين نمبر تي هوندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته 25 سيپٽمبر تي پاڪستاني وقت موجب رات 11:45 تي وزيراعظم عمران خان تقرير ڪندو.واضح رهي ته گذريل سال وزيراعظم عمران خان جنرل اسيمبلي سان خطاب ۾ ڪشمير مسئلو ڀرپور انداز ۾ اٿاريو هو.ڪورونا وائرس سبب هن سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت لاءِ عالمي اڳواڻ نيو يارڪ ۾ گڏ نه ٿيندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *