واشنگٽن: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ اهم ملاقات اڄ ٿيندي. وزيراعظم عمران خان آمريڪي صدر جي دعوت تي 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آمريڪا ۾ موجود آهي. جتي هن گذريل ڏينهن پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب به ڪيو هو. جڏهن ته ان کان اڳ وزيراعظم واپارين ۽ سرمائيڪارن سان به ملاقاتون ڪيون.وزيراعظم عمران خان اڄ ٽرمپ سان ملاقات لاءِ وائٽ هائوس روانو ٿيندو جتي آمريڪي صدر ان جو استقبال ڪندو. ٽرمپ انتظاميه عمران خان جي وائيٽ هائوس واري دوري کي لاڳاپن ۾ بهتري آڻڻ جو موقعو قرار ڏنو آهي. ٽرمپ انتظاميه جو چوڻ آهي ته عمران خان جو دورو مضبوط ڀائيواري ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو موقعو آهي.آمريڪا پاڪستان کي اهو پيغام پهچائڻ چاهي ٿو ته لاڳاپن جي بهتري جي لاءِ دروازا کليل آهن. ٽرمپ انتظاميه جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي صدر جي ملاقات ۾ عورتن جي حقن، ميڊيا جي آزادي، انرجي، ايگريڪلچر ۽ واپار بابت ڳالهيون ٿينديون جڏهن ته ملاقات ۾ دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ به ڳالهيون ڪيون وينديون.ٽرمپ انتظاميه وڌيڪ چيو ته صدر ٽرمپ افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي مدد جي واکاڻ ڪندو آهي ۽ ان کي مڃيندو آهي.