وزيراعظم عمران خان ٿر ۾ طبي سهولتن جي کوٽ جو نوٽيس ورتو

اسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم عمران خان ٿر ۾ طبي سهولتن جي کوٽ جو نوٽيس ورتو آهي. وزيراعظم عمران خان ٿر لاءِ 2 جديد ترين موبائيل اسپتالون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.  وزيراعظم عمران خان ٿر ۾ طبي سهولتن جي کوٽ جو نوٽيس وٺندي ٿر لاءِ 2 جديد موبائيل اسپتالون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم اسپتالن لاءِ 4 ايمبولينسز فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي فراهمي پنجن سالن تائين يقيني بڻائي وڃي. ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ سبب روزاني 2 ٻارڙا فوت ٿي رهيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *