وزيراعظم عمران خان پاران چونڊن ۾ ڪاميابي تي مودي کي مبارڪباد

اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم عمران خان ڀارتي لوڪ سڀا جي اليڪشن ۾ ڪاميابي  تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.ڀارت ۾ ٿيندڙ لوڪ سڀا چونڊن ۾ بي جي پي ۽ ان جي اتحادي پارٽين 542 مان 337 جڏهن ته ڪانگريس اتحاد 93 سيٽون حاصل ڪيون آهن.وزيراعظم عمران خان سوشل ميڊيا تي ڀارتي لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ ڪاميابي تي نريندر مودي کي مبارڪباد پيش ڪئي.وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن،  ترقي ۽ خوشحالي لاءِ مودي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *