بيجنگ( م ڊ) چيني پرڏيهي آفيس چيو آهي ته پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي ترقي ۽ سهڪار جي نئين باب جي شروعات ٿيندي. پرڏيهي خابرو اداري موجب چيني پرڏيهي آفيس جي ترجمان لوڪانگ هفتوار بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستاني وزيراعظم عمران خان چيني هم منصب جي دعوت تي 2 نومبر تي چائينا انٽرنيشنل امپورٽ ايڪسپو ۾ شرڪت لاءِ بيجنگ پهچي رهيو آهي.چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته وزيراعظم پاڪستان عمران خان جي دوري سان پاڪ چين لاڳاپن جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، ٻه طرفي معاشي ترقي لاءِ نون لاڳاپن جو بنياد رکيو ويندو. پاڪستان وزيراعظم چيني صدر شي جن پنگ سان به ملاقات ڪندو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان هڪ ڀيرو وري ان عزم کي ورجائيندي چيو ته خطي ۾ سياسي صورتحال ۾ تبديلي ۽ عالمي منطرنامي ۾ ٿيندڙ نئين صف بندي باوجود چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا متاثر نه ٿيندا. واضح رهي ته شنگهائي ۾ ايندڙ هفتي چائينا انٽرنيشنل امپورٽ ايڪسپو تقريب ٿي رهي آهي جنهن ۾ 18ملڪن جا سربراهه شرڪت ڪندا. وزيراعظم عمران خان ان تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت ۾ شرڪت ڪندو.