وزيراعظم عمران خان جو نيوزيلينڊ جي وزيراعظم سان فون تي رابطو

اسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم عمران خان نيوزيلينڊ جي هم منصب جيسنڊا آرڊن سان فون تي رابطو ڪيو آهي جنهن دوران ڪرائسٽ چرچ ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ۽ نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جي فوري ايڪشن جي واکاڻ ڪئي وئي آهي.  وزيراعظم عمران خان نيوزيلينڊ جي هم منصب سان اسلامو فوبيا ۽ عالمي انتها پسندي جي معاملي تي ڳالهيون ڪيون ۽ چيو ته توهان مسلم ڪميونٽي لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ احترام جو مظاهرو ڪيو آهي پاڪستاني عوام طرفان توهان جا ٿورا مڃڻ چاهيان ٿو. وزيراعظم عمران خان چيو ته مسلمانن لاءِ نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جو رد عمل تعريف جوڳو آهي،  عمران خان واقعي کانپوءِ نيوزيلينڊ جي اختيارين طرفان وقت تي ڪارروائي جي واکاڻ ڪئي. عمران خان هم منصب سان حملي ۾ 50 انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي شديد ڏک جو اظهار ڪيو.  نيوزيلينڊ جي وزيراعظم چيو ته حملي بعد نيوزيلينڊ هڪ گهري صدمي ۾ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *