وزيراعظم عمران خان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تنقيد جو ڀرپور جواب ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو ) وزيراعظم عمران خان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان تي تنقيد جو ڀرپور جواب ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ آمريڪي صدر جي تنقيد جو جواب ڏيندي چيو ته صدر ٽرمپ کي پاڪستان بابت ريڪارڊ درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته نائن اليون حملن ۾ ڪو به پاڪستاني ملوث نه هو، پاڪستان دهشتگردي خلاف آمريڪا جي جنگ ۾ ساٿ ڏنو ۽ 75 هزار جانيون قربان ڪيون. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني معيشت 123 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان ٿيو ۽ آمريڪا رڳو 20 ارب ڊالرن جي امداد ڏني. وزيراعظم چيو ته اسان جا قبائلي علائقا  تباهه ٿيا ۽ لکين ماڻهن کي گهرن کان محروم ٿيڻو پيو، ان جنگ جا تباهي مچائيندڙ اثر عام پاڪستاني تي پيا ان باوجود پاڪستان زميني ۽ هوائي حدون فراهم ڪيون. وزيراعظم آمريڪي صدر کان سوال ڪيو ته ڇا ڪنهن اتحادي اهڙيون قربانيون ڏنيون آهن؟ وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ بدران آمريڪا پنهنجي ناڪامين جو جائزو وٺي، هڪ لک 40 هزار نيٽو فوج، اڍائي لک افغان فوج ۽ هڪ ٽرلين ڊالر خرچ ڪرڻ باوجود طالبان پهريان کان وڌيڪ مضبوط ٿي چڪا آهن. ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فوڪس نيوز کي ڏنل پنهنجي انٽرويو ۾ چيو هو ته اسان پاڪستان کي سالياني هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ ڏيندا هئاسين پر موٽ ۾ پاڪستان اسان لاءِ ڪجهه به نه ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *