وزيراعظم شهباز شريف، وقتي صدر يوسف رضا گيلاني ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران ڪوئيٽا ۾ ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪي جي مذمت

وزيراعظم شهباز شريف، وقتي صدر يوسف رضا گيلاني ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران ڪوئيٽا ۾ ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪي جي مذمت ڪئي وئي آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف ڌماڪي جي مذمت ڪندي زخمين کي ترجيحي بنيادن تي علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ بلوچستان حڪومت کان واقعي جي جاچ رپورٽ طلب ڪري ورتي.

وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته معصوم ۽ هٿين خالي شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙ دهشتگردن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي.

وقتي صدر يوسف رضا گيلاني ڪوئيٽا ۾ ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪي مذمت ڪندي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ هر ممڪن قدمن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

وقتي صدر يوسف رضا گيلاني جو چوڻ آهي ته هٿين خالي عوام کي نشانو بڻائيندڙ دهشتگرد انسانيت جا دشمن آهن.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪي جي مذمت ڪندي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائيندڙ دهشتگرد ڪنهن به رعايت جا حقدار ناه، دشمن ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ لاءِ  بزدلاڻيون ڪارروايون ڪري رهيو آهي، قوم سان گڏجي ڪريل سازش کي ناڪام بڻائيندا………

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *