وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سيپٽمبر جي ٽئين هفتي ۾ آمريڪا جو دورو ڪندو

اسلام آباد( بيورو ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سيپٽمبر جي ٽئين هفتي ۾ آمريڪا جو دورو ڪندو، جتي هو جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. افغانستان ۽ ڏکڻ ايشيا لاءِ آمريڪا جي نئين پاليسي ۽ آمريڪي حڪومت طرفان پاڪستان تي الزامن کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ آهي جنهن سبب پرڏيهي وزير خواجه آصف به پنهنجو آمريڪي دورو ملتوي ڪيو آهي، جڏهن ته آمريڪي نائب پرڏيهي وزير کي به پاڪستان اچڻ کان روڪيو ويو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سيپٽمبر جي ٽئين هفتي ۾ آمريڪا ويندو جتي هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ذريعن موجب پرڏيهي وزير خواجه آصف جي به وزيراعظم سان گڏ آمريڪا وڃڻ جو امڪان آهي. وزيراعظم جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي سائڊ لائين ملاقاتن جو به امڪان آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *