وزيراعظم سنڌ کي نئين پاڪستان ۾ شامل ڪري چڪو آهي: حليم عادل شيخ

گهوٽڪي  ( رپورٽر ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ جو چوڻ آهي ته عمران خان سنڌ لاءِ  اهم پيغام کڻي اچي رهيو آهي، وزيراعظم سنڌ کي نئين پاڪستان ۾ شامل ڪري چڪو آهي. تفصيل موجب گهوٽڪي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ صحافين ڳالهائيندي چيوته علي گوهر مهر اهم خاندانن ۾ شامل آهي، مهر خاندان ماضي ۾ ملڪي سرحدن جي حفاظت ڪري چڪو آهي.  حليم عادل شيخ جو چوڻ هو ته ٿرپارڪر ۾ ٻار خوراڪ جي کوٽ سبب مري رهيا آهن، سڀاڻي عمران خان سنڌ لاءِ اهم پيغام کڻي اچي رهيو آهي، وزيراعظم سنڌ کي نئين پاڪستان شامل ڪري چڪو آهي. ارڙهين ترميم بابت پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته 18 هين ترميم پيرن جي زنيجر نٿي بڻجي سگهي. ٻئي پاسي جي ڊي اي اڳواڻ سردار علي گوهر مهرجو چوڻ آهي ته گهوٽڪي ۾ گئس جا ذخيرا آهن پر مقامي ماڻهو ان کان محروم آهن، گهوٽڪي مان حاصل ريونيو جو حصو گهوٽڪي کي ئي ناهي ملندو، پ پ ۾ هوندي به پنهنجي حڪومت خلاف احتجاج ڪندو رهيس.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *