اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان سان گورنر سنڌ عمران اسماعيل ملاقات ڪئي جنهن ۾ سنڌ جي مجموعي صورتحال ۽ خصوصاً ڪراچي جي موجوده صورتحال ۽ عوام کي درپيش مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته قائد جي شهر ۾ مسئلن جو مڪمل ادراڪ آهي. وزيراعظم چيو ته ڪراچي جهڙي اهم شهر ۾ بعض علائقن ۾ بنيادي سهولتن جو فقدان فڪر جهڙي لمحو آهي وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت جي ترقي ۽ استحڪام ۾ ڪراچي جو ڪردار خاص ڪردار آهي. وزيراعظم چيو آهي ته ڪراچي ۾ امن امان جي فضا کي مزيد مستحڪم ڪرڻ ۽ عوام کي درپيش مسئلن جي مستقل حل جي لاءِ پي ٽي آءِ حڪومت هر ممڪنه تعاون فراهم ڪرڻ عزم آهي. حڪومت پاران اعتماد جو اظهار ڪرڻ ۽ اهم ذميداري سونپي ويندڙ گورنر سنڌ وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيو.