وزيراعظم سان اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه جي ملاقات نيب چيرمين جي مقرري معاملي تي مشاورت

اسلام آباد (اين اين آءِ)قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته نيب جي نئين چيرمين جي مقرري تي حڪومت ۽ اپوزيشن جي  وچ ۾ ڪابه بيڊ لاڪ ناهي، جمعي تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه ملاقات ڪئي جنهن دوران نيب جي ننئين چيرمين جي مقرري جي معاملي تي مشاورت ڪئي وئي. ملاقات کانپوءِ خورشيد شاه ميڊيا سان ڳالهائندي  ٻڌايو ته هن پي ٽي آئي ۽ ايم ڪيو ايم جا نالا وزيراعظم جي اڳيان رکيا آهن، ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي. جڏهن ته حڪومت ۽ اپوزيش جي وچ ۾ ان معاملي تي ڪابه ڊيڊ لاڪ ناهي، اميد آهي ته هڪ ٻن ملاقاتن ۾ ڪنهن نالي تي اتفاق ٿي ويندو. ڪوشش آهي ته  نيب جي چيرمين جي مقرري خوشي سان ٿي وڃي ۽ ڪنهن  سٺي نالي تي اتفاق ٿي وڃي. حڪومت طرفان پيش ڪيل نالن ۾ جسٽس رٽائرڊ رحم جعفري، جسٽس رٽائرڊ چوڌري اعجاز ۽ ڊي جي آئي بي آفتاب سلطان شامل آهن. جڏهن ته اپوزيشن جسٽس رٽائرڊ فقير محمد کوکر ، جسٽس رٽائر جاويد اقبال ۽ اليڪشن ڪميشن جو اڳوڻو سيڪريٽري اشياق احمد خان جا نالا ڏنا ويا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *