وزيراعظم سان اسد عمر جي ملاقات، وفاقي ڪابينا ۾ شموليت جو امڪان

اسلام آباد: (بيورو): پي ٽي آءِ جي ناراض اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسد عمر وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي آهي جنهن کانپوءِ سندس ٻيهر ڪابينا ۾ شموليت

جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي.رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان سان اڳوڻي ناڻي واري وزير اسد عمر ملاقاتڪ ئي جنهن ۾ هاڻوڪي سياسي صورتحال، معاشي ۽ اقتصادي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم سان ملاقات ۾ اسد عمر جي وفاقي ڪابينا ۾ واپسي جي معاملي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسد عمر جي ڪابينا ۾ واپسي جو جلد امڪان آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *